خيرپور(شڪيل جانوري) فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ٽرائل ڪورٽ خيرپور جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار مجاهد علي پٽ محمد صادق چانڊيو کي عمر قيد ۽ 20 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.
جج لياقت علي کوسو جي عدالت جوابدار کي ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 20 سال قيد ڪاٽڻ جو حڪم پڻ ڏنو.
مليل ڄاڻ موجب، جوابدار مجاهد علي چانڊيو 2020ع ۾ ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد اندر چانڊيا برادريءَ جي ملڪيت واري تڪرار تان محمد مٺل چانڊيو کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته سندس سئوٽ مظهرالدين چانڊيو زخمي ٿيو هو.
عدالت غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 10 سال قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي ڇڏي.


