واشنگٽن (ويب نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن هلندڙ هفتي پيش آيل دبئي جهاز واقعي ۾ ايران جو ڪو به تعلق ثابت ٿيو ته تهران خلاف انتهائي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ اماراتي ايئرلائن دبئي جي اڏام ۾ ڪپتان تي مبينا طور چاقو سان حملو ڪندڙ ڪو پائلٽ کي ايران سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي.
ٽرمپ چيو ته کيس واقعي بابت بريفنگ ڏني وئي آهي ۽ مبينا طور واقعي ۾ ملوث ڪو پائلٽ ايران سان تعلق رکي سگهي ٿو.
ايران جي پاسدارانِ انقلاب طرفان ڪو پائلٽ کي موڪلڻ بابت سوال تي ٽرمپ چيو ته اهو ممڪن آهي، جڏهن ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪو پائلٽ پاڻ ئي انتهاپسندي جو شڪار ٿيو هجي.
آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن فلائي جهاز واقعي سان ايران جو تعلق ثابت ٿيو ته ايران خلاف تمام سخت حملو ڪيو ويندو.
هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته هن وقت اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ڪو پائلٽ جو ڪنهن به طريقي سان ايران سان تعلق آهي.


