Focus with Zardari

روسي گهرو وزير جي فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير سان ملاقات

1 Min Read

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) روسي فيڊريشن جي گهرو وزير ولادي مير ڪولوڪولٽسف جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻه طرفي سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خاص زور ڏنو ويو.

ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي ادارن وچ ۾ ويجهن ادارتي لاڳاپن ۽ بهتر رابطن جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ويو.

ان موقعي تي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير روس سان ڊگهي عرصي کان قائم لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خاص طور سيڪيورٽي جي شعبي ۾ عملي سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

- Advertisement -

آءِ ايس پي آر موجب روسي گهرو وزير علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو، جڏهن ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشوراڻي صلاحيتن ۽ قربانين جو پڻ اعتراف ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment