پشاور (ويب ڊيسڪ) دير ڪالوني ۾ الخيبر اسڪول سسٽم جي عمارت جي ڇت اوچتو ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت استاد سميت 17 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ٻار زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو 1122 جي ٽيمن ۽ مقامي ماڻهن امدادي ڪارروايون ڪندي ملبي مان فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. حادثي وقت اسڪول ۾ موجود ٻيا ٻار به ملبي هيٺ دٻيل هجڻ جو خدشو آهي، جنهن سبب ريسڪيو آپريشن جاري آهي.


