سردار شهريار شر جو پٽ جهانگير شر ڏهرڪي ويجهو اغوا بعد بازياب

1 Min Read

ڏهرڪي ( رپورٽ: علي رضا) ڏهرڪي ۾ اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر جو پٽ جهانگير شر مبينا طور اغوا ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن اندر بازياب ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

 پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي سردار شهريار خان شر جي پٽ جهانگير شر کي سندس ڳوٺ ٻيروٽا ڀرسان هڪ زرعي فارم تان مبينا طور اغوا ڪيو ويو.

اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ شر برادري جا ماڻهو کينجهو واري علائقي ۾ پهچي ويا، جڏهن ته سردار شهريار شر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ وڏي انگ ۾ شر برادري جا ماڻهو به واقعي واري هنڌ پهتا ۽ ڪجهه ڪلاڪن اندر جهانگير شر کي بازياب ڪرايو ويو.

جهانگير شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اغوا ڪندڙ ماڻهن کي سڃاتو آهي، جلد ايف آءِ آر ۾نالا سامهون اچي ويندا، في الحال ميڊيا کي تفصيل نه ٻڌائيندس.

سردار شهريار خان شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو پنهنجي ڪميونٽي سميت سڀني جو ٿورائتو آهي، سندس پٽ کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو آهي.

شهريار خان شر چيو ته ڪنهن لوفر ۾ همت ٿي جو سردار جي پٽ کي اغوا ڪري، جهانگير شر جي اغوا پٺيان وڏا هٿ ملوث ٿي سگهن ٿا.

Share This Article
Leave a Comment