ٽنڊوالهيار ( رپورٽ: خميسو دائوداڻي ) ٽنڊوالهيار ڀرسان پراڻي ميرآباد جي شاخ ۾ پير ترڪڻ سبب ٻه معصوم نينگريون ٻڏي فوت ٿي ويون، جڏهن ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.
وارثن موجب، فوت ٿيل نينگرين ۾ 3 ورهين جي مومل ڌيءَ تنو ڀيل ۽ 4 ورهين جي ڇايا ڌيءَ ليمون ڀيل شامل آهن، جيڪي شاخ جي ڪناري تي موجود هيون ته اوچتو پير ترڪي وڃڻ سبب پاڻي ۾ ڪري پيون ۽ ٻڏي ويون.
واقعي جي اطلاع باوجود لاڳاپيل انتظاميه ۽ ريسڪيو ٽيمون بروقت واقعي واري هنڌ نه پهتيون، جنهن کانپوءِ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ مقامي ٽوٻن جي سهڪار سان ٻنهي نينگرين جا لاش شاخ مان ڪڍي ورتا.
حادثي کانپوءِ فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته سڄي علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.
ٻئي طرف علائقي واسين انتظاميه جي غيرموجودگي ۽ ريسڪيو سهولتن جي کوٽ تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته واهن ۽ شاخن تي حفاظتي انتظام، ريسڪيو سهولتون ۽ اهڙن افسوسناڪ واقعن جي روڪٿام لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن.


