Focus with Zardari

سرڪاري ملازمن کي ذاتي اي ميل ۽ عوامي اي آءِ ٽولز جي استعمال کان روڪيو ويو

2 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين نيشنل سائبر سيڪيورٽي هينڊ بڪ 2026-27 ۾ سرڪاري ملازمن ۽ ادارن کي حساس معلومات جي تحفظ لاءِ ذاتي اي ميل اڪائونٽس، غير منظور ٿيل ڊوائيسز، ڪمرشل ڪلائوڊ سروسز ۽ عوامي آرٽيفيشل انٽيليجنس پليٽ فارمن جي استعمال کان روڪيو ويو آهي.

نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم (PKCERT) ۽ وزارتِ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشنز پاران جاري هينڊ بڪ ۾ چيو ويو آهي ته سائبر سيڪيورٽي صرف ٽيڪنيڪل ماهرن جي ذميواري نه، پر هر سرڪاري صارف جي گڏيل ذميواري آهي.

هينڊ بڪ موجب سرڪاري ملازم ڳجهي سرڪاري دستاويزن، سرڪاري اي ميلز، سافٽ ويئر جو سورس ڪوڊ ۽ شهرين جي ذاتي سڃاڻپ بابت معلومات عوامي اي آءِ پليٽ فارمن تي اپلوڊ نه ڪندا. صرف کاتي پاران منظور ڪيل اي آءِ ٽولز استعمال ڪرڻ ۽ اي آءِ کي ڏنل فائلن يا هدايتن مان نالا ۽ حساس معلومات ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اي آءِ پاران تيار ڪيل مواد جو انساني جائزو پڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

سرڪاري معاملن ۽ ليٽرز لاءِ رڳو سرڪاري اي ميل اڪائونٽس استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جي ميل ۽ ياهو ميل جهڙا ذاتي اڪائونٽس رڳو کاتي جي خاص اجازت سان استعمال ڪري سگهبا. سرڪاري اي ميلز کي ذاتي ان باڪس ۾ فارورڊ ڪرڻ تي پڻ پابندي هوندي.

- Advertisement -

حڪومت ملازمن کي غير منظور ٿيل اي آءِ ايڪسٽينشنز ۽ پلگ اِنز انسٽال ڪرڻ، جڏهن ته انتظامي سندن، API Keys ۽ پاسورڊز اي آءِ ٽولز سان شيئر ڪرڻ کان به خبردار ڪيو آهي. سائبر حملي جون شروعاتي نشانيون، جن ۾ مشڪوڪ اي ميلز، غير مجاز رسائي جون ڪوششون، رينسم ويئر پيغام ۽ فائلن ۾ غير معمولي تبديليون شامل آهن، فوري طور رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment