Focus with Zardari

خيرپور: بار جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، 2 وڪيل زخمي

1 Min Read

خيرپور (رپورٽ: شڪيل جانوري) خيرپور بار جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڪري پيا، جنهن سبب بار ۾ موجود وڪيلن ۾ خوف ۽ پريشاني پکڙجي وئي.

واقعي وقت بار ۾ موجود ايڊووڪيٽ فرزند علي ميتلو ۽ ايڊووڪيٽ ظهير احمد لاڙڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي وڪيل سيد جعفر شاهه سميت ڪجهه ٻيا وڪيل به اتي موجود هئا، جيڪي محفوظ رهيا.

ڇت جا چاپڙ اوچتو ڌماڪي سان ڪرڻ سبب بار ۾ ڪجهه وقت لاءِ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته زخمي وڪيلن بابت وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻا آهن.

Share This Article
Leave a Comment