شڪارپور (رپورٽر) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ پنهوارن ڀرسان پراڻي ڪارنهن جي معاملي تان هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب نصر قادراڻي جي ڌر جي هٿياربندن مبينا طور گوليون هڻي نوجوان دودو پٽ انب قادراڻي جتوئي کي قتل ڪيو.
پوليس موجب واقعي کانپوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جڏهن ته مقتول ۽ مبينا قاتل ڌر پاڻ ۾ سوٽ ٻڌايا پيا وڃن. نوجوان جو لاش واقعي واري هنڌ تي پيل آهي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ پوليس ڪارروائي ڪري رهي آهي.
رستم پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته فائرنگ جي اصل سبب ۽ ذميوارن بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.


