سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ انبن جي پيتي کڻي اچڻ تي پابندي لاڳو

1 Min Read

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي خدشن سبب سنڌ حڪومت سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ انبن جي پيتي کڻي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، سنڌ سيڪريٽريٽ جي عمارت سميت بيرڪ نمبر A-4 ۽ B-4 ۾ انب جا دٻا کڻي اچڻ جي اجازت نه هوندي.

انتظاميا طرفان هدايت ڪئي وئي آهي ته سيڪيورٽي اهلڪار انهن حڪمن تي سختيءَ سان عمل ڪرائين.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي عملو ڪنهن به صورت ۾ سيڪريٽريٽ جي حدن ۾ انب جي دٻن جو داخل ٿيڻ بند ڪري.

Share This Article
Leave a Comment