ڪراچي(آزاد ميراڻي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ فلم ”گھوسٽ اسڪول“ جي سنڌ ۾ نمائش جي اجازت نه ڏيڻ خلاف درخواست تي سنڌ سينسر بورڊ کي ٻن هفتن اندر نظرثاني واري درخواست تي ڌرين کي ٻڌي قانون موجب فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ سينسر بورڊ جي سيڪريٽري کان سوال ڪيو ته ”ڇا فلم ۾ ڪو جن آهي، جنهن سبب اجازت نه پئي ڏني وڃي؟“
درخواستگذار جي وڪيل معيز بيگ چيو ته وفاقي ۽ پنجاب سينسر بورڊ فلم جي نمائش جي اجازت ڏئي چڪا آهن، جڏهن ته سنڌ بورڊ وٽ پابندي جو ڪو واضح قانوني بنياد موجود ناهي.
وڪيل موجب فلم ۾ سنڌ سميت ملڪ ۾ ”گھوسٽ اسڪولز“ جي مسئلي کي اجاڳر ڪيو ويو آهي ۽ فلم سازن کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو پڻ نه ڏنو ويو.


