لاڙڪاڻو(علي گل ڏيٿو) دڙي ٿاڻي جي حد مراد واهڻ واري علائقي مان گم ڄاڻايل 11 ورهين جي نينگري هير ڌيءَ اعجاز احمد ڀٽو جي مبينا اغوا جو ڪيس سندس ڀاءُ علي رضا ڀٽو جي فرياد تي ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
فريادي موجب اڻڄاتل جوابدار سندس ڀيڻ هير ڀٽو کي اغوا ڪري ويا آهن، جنهن سبب وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن. هن پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته نينگري کي جلد بازياب ڪرائي وارثن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.
دڙي ٿاڻي جي پوليس موجب نينگري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نينگري جو جلد ڏس پتو لڳائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.


