راولپنڊي( ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان جي تقدير رڳو بلوچستان جي عوام جي هٿن ۾ آهي، رياست جي اڻٽٽ، پُرعزم ۽ فيصلائتي ردعمل سان ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻايو ويندو.
پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب فيلڊ مارشل عاصم منير بلوچستان جي اهم شخصيتن ۽ سياسي قيادت سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته بلوچستان ۽ پاڪستان جو حال ۽ مستقبل هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندو، بلوچستان باصلاحيت، ثابت قدم، محب وطن ۽ باوقار عوام سان مالا مال آهي، جڏهن ته بلوچستان جي نوجوانن ۾ صلاحيتن ۽ موقعن جي ڪا کوٽ ناهي.
چيف آف ڊفينس فورسز چيو ته فتنہ الخوارج ۽ فتنه الهندستان بلوچستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ پرڏيهي سرپرستي يافته پراڪسيز آهن، اهي بلوچستان جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ رياست ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ لاءِ پرڏيهي سرپرستي هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن.


