ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) سنڌ ۾ سج باهه وسائڻ لڳو، قهر جـِي گرمي عوام جو بُرو حال ڪري ڇڏيو، رهيل ڪسر وري اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ پوري ڪئي آهي.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ هلندڙ سال جي گرم ترين ڏينهن آهن، جتي پارو 44 سينٽي گريڊ تائين پهتو آهي ۽ گرمي 48 سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي پئي وڃي.
شهر جي مختلف علائقن ۾ گرميءَ جي شدت سبب 8 ماڻهو فوت ٿي ويا، ريسڪيو عملدارن موجب فوتين ۾ اڪثريت نشي جي عادي ماڻهن جي آهي.
گرمي وڌڻ سبب ڪراچي جي اسپتالن ۾ دَم سميت ٻين ساهه جي بيمارين ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
ڪراچي جا شهري سنڌ وائيس سان ڳالهائيندي حڪومتي انتظامن کي اڻپورو قرار ڏين ٿا، جڏهن ته گرمي ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ ٽريفڪ پوليس اهلڪار انتظامن مان مطمئن نظر آيو.
شهري جو چوڻ آهي ته سڄي ڏينهن ۾ 4 ڪلاڪ بجلي هلي ٿي، رات جي وقت بجلي نه هئڻ برابر آهي.
هوڏانهن سڀ کان وڌيڪ گرمي پد نوابشاهه ۽ دادو ۾ 47 سينٽي گريڊ تي پهتو، ملڪ جي گرم ترين علائقي جيڪب آباد ۾ به گرمي جي شدت 44 سينٽي گريڊ تائين پهتي.
ماهرن موجب شهرين غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن، ڊي هائيڊريشن کان بچڻ لاءِ پاڻي وڌيڪ پيئڻ ۽ سڌي ريت اُس کان بچڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.


