سنڌ ۾ هندو شاگردن لاءِ مذهبي تعليم کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

1 Min Read

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صوبائي تعليم کاتي هندو شاگردن لاءِ مذهبي تعليم کي باضابطا نصاب جو حصو بڻائي ڇڏيو.

تعليمي کاتي موجب، ٽئين کان پنجين درجي تائين هندو مذهب جا 3 ڪتاب نصاب ۾ شامل ڪيا ويندا.

صوبائي تعليمي کاتي جو چوڻ آهي ته تعليمي سال 2026-27 کان سرڪاري اسڪولن ۾ هندو شاگردن کي مذهبي ڪتاب پڙهايا ويندا.

صوبائي تعليم کاتي موجب، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ايندڙ سال ڪتابن جي اشاعت لاءِ بجيٽ مختص ڪندو.

Share This Article
Leave a Comment