ميھڙ(رپورٽ: عبدالله سومرو ) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ علي شير واھ جي رھواسڻ 7 ورھين جي معصوم ٻارڙي پاڻي جي تلاء ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي فوت ٿي وئي.
فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي شير واھ جي رھواسڻ 7 سالن جي معصوم ٻارڙي سڀاڳي چانڊيو راند ڪرڻ دوران پير ترڪڻ سبب پاڻي جي تلاء ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي وئي.
ٻارڙيءَ کي ڳوٺاڻن پاران فوري طور تي پاڻي جي تلاء مان بيھوشي واري حالت ۾ ٻاھر ڪڍي علاج لاء تعلقه اسپتال ميھڙ پھچايو جتي ڊاڪٽرن پاران معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
لاش ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد حوالي ڪيو ويو معصوم ٻارڙي جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.


