ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سڀاڻي پاڪستان جو دورو ڪندو

1 Min Read

آمريڪا سان معاهدو طئي ٿيڻ کانپوءِ ايران جو صدر مسعود پزشڪيان سڀاڻي پاڪستان جو دورو ڪندو.

ايراني سرڪاري خابرو اداري موجب، ايراني صدر جي آفيس جي شعبي تعلقاتِ عامه جي ڊائريڪٽر حبيب الله چيو آهي ته هن دوري جو مقصد ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهڻ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪرڻ آهي.

ذريعن موجب هي دورو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن گذريل ڏينهن سوئيٽرزلينڊ ۾ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پاڪستان ۽ قطر جي ٽياڪڙي سان ڳالهيون شروع ٿيون آهن.

سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته ايراني صدر جو هي دورو ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏ خطي ۾ سفارتي سرگرمين جي اهميت کي به اجاگر ڪندو.

Share This Article
Leave a Comment