ملير(شاهد ڇڄڙو) لنڪ روڊ تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر سبب ڊرائيور ۽ ڪلينر فوت ۽ ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا.
بلوچ ڪمپني ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪوچ جو ڊرائيور ۽ ڪلينر فوت، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا.
حادثي جو اطلاع ملڻ تي ميمڻ ڳوٺ پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن جي سڃاڻپ ڊرائيور پنھل ۽ ڪلينر ممتاز طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.


