سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) شهدادپور جي حدن ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي اڻڄاتل جوابدارن هڪ 55 ورهين جي پيرسن عورت کي سون جي زيورن خاطر بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ شير خان لغاري ۾ رات دير سان ٻه اڻڄاتل جوابدار هڪ گهر ۾ داخل ٿيا. جوابدارن اتي موجود پيرسن عورت مسمات حميدا زال هاشم سولنگي جي ڪنن مان سونا والا ڇني ورتا ۽ مزاحمت تي کيس مبينا طور گهٽا ڏئي موقعي تي ئي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
مفتولا جي پٽ ياسين سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته رات دير سان ٻه اڻڄاتل شخص گهر ۾ گهڙي آيا، جن امڙ جي ڪنن مان سونا والا لاهڻ بعد کيس گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويا.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ڳوٺ پهچي مڙهه کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي گهڻ رخي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
هن ڏکوئيندڙ واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس واري لهر پکڙيل آهي، جڏهن ته وارثن پاران انصاف جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

شهدادپور ڀرسان افسوسناڪ واقعو، عورت سونا والا ڇنڻ بعد گهٽا ڏئي قتل
Leave a Comment Leave a Comment

