ڪنڌڪوٽ: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مبينا ڪرپشن خلاف ايس ٽي پي جو احتجاجي ڌرڻو

1 Min Read

ڪنڌڪوٽ (شاهد بلوچ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مبينا ڪرپشن خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي ڌرڻو هڻي ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ۽ حقدار عورتن کي بنا ڪنهن ڪٽوتي جي امداد فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

ڪنڌڪوٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مبينا ڪرپشن خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيس جي مين گيٽ آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته حقدار عورتن کان امدادي رقم جي ادائيگي دوران غيرقانوني ڪٽوتيون ۽ ٻين قسمن جون بي ضابطگيون ڪيون پيون وڃن، جنهن سبب غريب ۽ مستحق خاندان سخت پريشان آهن.

مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مبينا ڪرپشن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ملوث عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ حقدار ماڻهن کي سندن مڪمل حق بنا ڪنهن ڪٽوتي جي فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment