صحت ۾ بهتري لاءِ جم جي ضرورت ناهي، هي ترڪيب آزمايو

3 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جيڪڏهن توهان پنهنجي صحت کي بهتر بڻائڻ چاهيو ٿا ته ڪلاڪن تائين جم ۾ وقت گذارڻ جي ضرورت ناهي، حقيقت ۾ هر هفتي صرف 30 منٽن جي سخت ورزش سان به صحت کي نمايان حد تائين بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

 اها ڳالهه ناروي ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي، هن وقت طبي ادارن پاران هر هفتي گهٽ ۾ گهٽ اڍائي ڪلاڪ يا 150 منٽ ورزش ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي ۽ اهو وقت جيترو وڌيڪ هجي اوترو بهتر سمجهيو ويندو آهي، پر گهڻن ماڻهن لاءِ اهو هدف پورو ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.

 نارويجن يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهم طبي فائدن لاءِ گهڻن ماڻهن کي گهڻو وقت ورزش ڪرڻ جي ضرورت ناهي، تحقيق موجب صرف 30 منٽن جي سخت ورزش سان به صحت بهتر بڻائي سگهجي ٿي، يعني روزانو لڳ ڀڳ ساڍا 4 منٽ يا هر ٻئي ڏينهن 10 منٽن جي ورزش به ڪافي آهي، پر جسماني سرگرمين جي شدت اهم آهي، يعني ورزش اهڙي هجي جو ساهه کڻڻ وقت مختصر جملا ڳالهائي سگهجن، جڏهن ته ڳائڻ ممڪن نه هجي.

 تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته گهڻن ماڻهن لاءِ ورزش ۾ سڀ کان وڏو مسئلو وقت جي کوٽ هوندو آهي، پر ٿوري وقت جي سخت ورزش کي عادت بڻائڻ به فائديمند آهي.

 محققن موجب مختصر وقت جي سخت ورزش سان ڪارڊيو فٽنيس بهتر ٿيندي آهي جيڪا ڊگهي عرصي تائين سٺي صحت لاءِ اهم هوندي آهي، ڪارڊيو فٽنيس مان مراد ورزش دوران جسم جي آڪسيجن جذب ڪرڻ ۽ عضون تائين پهچائڻ جي صلاحيت آهي، تيز رفتار سان هلڻ، ڊوڙڻ، ترڻ، ڏاڪڻيون چڙهڻ ۽ سائيڪل هلائڻ جهڙين ورزشن سان دل جي ڌڙڪن تيز ٿيندي آهي ۽  سهڪو ٿيندو آهي، جنهن سان دل ۽ ساهه جي نظام سان لاڳاپيل صحت بهتر ٿيندي آهي، دل ۽ ساهه جي نظام جي فٽنيس موجوده ۽ مستقبل جي صحت بابت ڄاڻڻ جو بهترين ذريعو هوندي آهي.

 محققن موجب سٺي ڪارڊيو فٽنيس سان 30 بيمارين ۽ وقت کان اڳ موت جو خطرو 40 کان 50 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.

 هنن چيو ته وڌيڪ بهتر اهو آهي ته روزانو ڪجهه منٽن جي ورزش ڪئي وڃي ته جيئن 24 کان 48 ڪلاڪن تائين بلڊ پريشر ۽ بلڊ شوگر جي سطح بهتر رهي، هنن وڌيڪ چيو ته ضروري ناهي ته ماڻهو مڪمل رفتار سان ڊوڙڻ شروع ڪري، تيز رفتار سان هلڻ به بهترين ثابت ٿي سگهي ٿو، پر رفتار اهڙي هجي جو ساهه ڦولي وڃي.

 ماهرن موجب اهم ڳالهه اها آهي ته ورزش کي معمول بڻايو وڃي، ڇو ته ورزش ڇڏڻ کان پوءِ ڪارڊيو فٽنيس تيزي سان گهٽجڻ لڳندي آهي، اها تحقيق جرنل Progress in Cardiovascular Diseases ۾ شايع ٿي آهي۔

Share This Article
Leave a Comment