ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) انسٽاگرام ۾ هڪ نئين فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي جنهن سان ڪيترين ئي تصويرن يا وڊيوز واري پوسٽ ۾ هر تصوير يا وڊيو لاءِ الڳ ڪيپشن شامل ڪري سگهبي.
رپورٽ موجب هن فيچر جي محدود صارفين ۾ جاچ جاري آهي ۽ انسٽاگرام ڪمپوزر ۾ هڪ پاپ اپ ميسيج ذريعي صارفين کي ٻڌايو پيو وڃي ته هو هر فوٽو يا وڊيو ۾ ڪيپشن ايڊ ڪري سگهن ٿا.
هن وقت انسٽاگرام ۾ ملٽي فوٽو يا وڊيو پوسٽ لاءِ صرف هڪ ئي ڪيپشن شامل ڪرڻ جي سهولت موجود آهي، نئين فيچر سان صارفين کي هر تصوير يا وڊيو بابت الڳ وضاحت ڏيڻ ۽ وڌيڪ تفصيل شيئر ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.
واضح رهي ته انسٽاگرام تي ملٽي فوٽو ۽ وڊيو پوسٽن جو استعمال تيزي سان وڌي رهيو آهي، جڏهن ته 2024ع ۾ انسٽاگرام جي سربراهه Adam Mosseri چيو هو ته اهڙيون پوسٽون وڌيڪ ماڻهن تائين پهچڻ ۽ صارفين کي وڌيڪ وقت تائين مصروف رکڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.
مارچ ۾ انسٽاگرام اهڙين پوسٽن کي پبلش ٿيڻ بعد ٻيهر ترتيب ڏيڻ وارو فيچر پڻ متعارف ڪرايو هو، جنهن سان هي نئون ڪيپشن وارو فيچر وڌيڪ ڪارائتو بڻجي ويندو، جڏهن ته انسٽاگرام تصديق ڪئي آهي ته هن فيچر جي آزمائش اڃا محدود صارفين تائين جاري آهي.


