عمران خان کي نجي اسپتال منتقل ڪرڻ خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو

3 Min Read

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت باني پي ٽي آءِ عمران خان کي علاج لاءِ نجي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. حڪومت چاهي ٿي ته عمران خان جو طبي معائنو ۽ علاج سرڪاري اسپتال ۾ ڪرايو وڃي.

وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته عمران خان جي اسپتال منتقلي بابت عدالتي حڪم جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي، جڏهن ته جيل اختيارين ۽ اسلام آباد انتظاميا سان پڻ مشاورت ڪئي وئي آهي.

اعظم نذير تارڙ موجب لاڳاپيل اختيارين جي تجويز آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪري عدالتي حڪم ۾ مناسب ترميم جي درخواست ڪئي وڃي، جيئن باني پي ٽي آءِ جو طبي معائنو سرڪاري اسپتال ۾ ڪرائي سگهجي. عدالت جي هدايت موجب ضرورت پوڻ تي مختلف طبي ماهرن کي پڻ شامل ڪري سگهجي ٿو.

وفاقي وزير قانون جو چوڻ هو ته قانون موجب جيل ۾ موجود قيدي جي علاج بابت فيصلو ميڊيڪل بورڊ ڪندو آهي ته علاج جيل اندر ممڪن آهي يا قيدي کي اسپتال منتقل ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن بورڊ قيدي کي جيل کان ٻاهر علاج لاءِ موڪلڻ جو فيصلو ڪري ته سرڪاري اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جو انتظام ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سرڪاري اسپتال گهربل علاج فراهم ڪرڻ کان قاصر هجي ته ان بابت ثبوت سامهون اچڻ ضروري آهن، جنهن کانپوءِ ٻين انتظامن تي غور ڪري سگهجي ٿو.

اعظم نذير تارڙ سوال اٿاريو ته جيڪڏهن هڪ قيدي کي نجي اسپتال ۾ علاج جي اجازت ڏني وڃي ٿي ته ڇا اهڙو حڪم ملڪ جي ٻين هزارين قيدين تي به لاڳو ٿيندو؟ حڪومت جو موقف آهي ته عدالتي حڪم جي ڪجهه پاسن بابت پيدا ٿيل ابهم کي ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 18 آگسٽ 2026 تي عمران خان کي علاج لاءِ شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت ذاتي ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان کي به اسپتال ۾ ساڻس گڏ رهڻ جي اجازت ڏني هئي.

هاڻي وفاقي حڪومت جي نظرثاني درخواست کانپوءِ عمران خان جي علاج لاءِ نجي يا سرڪاري اسپتال جي چونڊ بابت معاملو ٻيهر سپريم ڪورٽ آڏو اچڻ جو امڪان آهي.

Share This Article
Leave a Comment