حڪومت بندش پيل تنظيم سان ڳالهيون نٿي ڪري سگهي: طارق فضل چوڌري

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ايڪشن ڪميٽي ختم ٿيڻ کانپوءِ حڪومت وٽ سڌي ريت ڳالهين جو ڪو رستو ناهي رهيو، ڇاڪاڻ ته حڪومت ڪنهن به بندش پيل تنظيم سان ڳالهيون نٿي ڪري سگهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ثالثي لاءِ رابطو ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪيو ويو هو.

طارق فضل چوڌري وڌيڪ چيو ته 12 مخصوص سيٽن بابت حڪومت چار مختلف آپشن ڏنا هئا، پر انهن کي قبول نه ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته چونڊن کانپوءِ نئين اسيمبلي جيڪڏهن ڪو فيصلو ڪندي ته آئيني يا قانوني ترميم ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته هن وقت اهي 12 سيٽون بحال آهن ۽ بحال رهنديون.

وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پرتشدد هجوم کي روڊن تي نڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آزاد ڪشمير جو وزيراعظم مسلم ليگ (ن) سان ڪنهن معاملي تي ڳالهائيندو ته حڪومت ان تي پنهنجو ردعمل ضرور ڏيندي.

Share This Article
Leave a Comment