Focus with Zardari
اهم خبرون

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان آمريڪي ڪانگريس وفد جي ملاقات

2 Min Read

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ )  آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ چيف آف ڊفينس فورسز، آرمي چيف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪي وفد ۾ مونٽانا رياست سان تعلق رکندڙ ڪانگريس ميمبر رائن ڪيٿ زنڪي ۽ واشنگٽن سان تعلق رکندڙ مائيڪل جيمز شامل هئا.

ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار، اقتصادي تعاون ۽ ترقي جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن، خانگي شعبي جي سهڪار ۽ واپاري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي موقعن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

- Advertisement -

ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي وسيع اقتصادي صلاحيتن کي اجاگر ڪندي چيو ته پائيدار علائقائي استحڪام جو بنياد اقتصادي ترقي، واپار جي واڌ ۽ علائقائي رابطن ۾ آهي.

فيلڊ مارشل جاري معاشي سڌارن، ڪاروبار دوست ماحول جي قيام ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي.

آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪي وفد علائقائي استحڪام ۽ اقتصادي مضبوطي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ادارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment