قمبر شهدادڪوٽ (ويب نيوز) قمبرشهداد ضلعي ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي مالي ادائگين بابت سنگين سوال اٿي پيا آهن، هڪ پاسي ملازمن جي نالن تي ڪروڙين روپين جي بقايائن جون ادائگيون، ته ٻئي پاسي پنج ڪروڙ 23 لک روپين جي بلن جي تصديق بابت شڪايتون ۽ نصيرآباد جي هڪ استاد تي 25 لک روپين جو مبينا نقصان پهچائڻ جو الزام سامهون آيو آهي.
ذريعن موجب، نصيرآباد تعلقي جي استادن، ماسترياڻين، ڪلارڪن ۽ چوڪيدارن کي ڪروڙين روپين جون ادائگيون ڪيون ويون آهن. انهن ادائگين جي تفصيل ۽ منظوري بابت سوال اٿڻ کانپوءِ اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر کي خط لکي رڪارڊ ۽ ادائگين جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.
دستياب ڄاڻ موجب، نذيران جي نالي تي هڪ ڪروڙ 46 لک 62 هزار 29 روپيا، عبدالعزيز جي نالي تي هڪ ڪروڙ 40 لک 48 هزار 497 روپيا، عمران علي جي نالي تي 75 لک 57 هزار 929 روپيا ۽ محمد علي جي نالي تي 53 لک 99 هزار 310 روپيا بقايائن جي مد ۾ ادا ڪيا ويا. انهن ادائگين جي نوعيت، منظوري ۽ لاڳاپيل دستاويزن جي تصديق اهم بڻجي وئي آهي.
رپورٽ موجب، پنج ڪروڙ 23 لک روپين جي بلن جي تصديق بابت به سوال اٿيا آهن، جڏهن ته مختلف کاتن جي ملازمن جي نالن تي ميڊيڪل خرچن جا مبينا جعلي بل ٺاهڻ جا اسڪينڊل به اڳ سامهون اچي چڪا آهن.
هوڏانهن نصيرآباد ۾ تعليم کاتي جي ڏهن ڪروڙن کان وڌيڪ ماليت جي بلن جي ادائگين بابت به بحث جاري آهي. ذريعن هڪ استاد تي تعليم کاتي کي 25 لک روپين جو مبينا نقصان پهچائڻ جو الزام لڳايو آهي. ذريعن جي دعويٰ آهي ته لاڳاپيل استاد اترين علائقن جو سفر ڪري رهيو آهي.
هڪ طرف تعليم کاتي کي بجيٽ جي کوٽ جون شڪايتون آهن، ته ٻئي طرف ڪروڙين روپين جي ادائگين ۽ بلن بابت سوالن انتظامي نگراني ۽ مالي شفافيت تي بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.


