ڪراچي (ويب ڊيسڪ) احتجاجن دوران جيڪڏهن انٽرنيٽ سروس بند ٿي وڃي تڏهن به هڪ ٻئي سان رابطي ۾ ڪيئن رهي سگهجي ٿو؟ ان مقصد لاءِ بٽ چيٽ نالي ايپ تيزي سان مقبول ٿي رهي آهي، جيڪا انٽرنيٽ کان سواءِ به پيغام موڪلڻ جي سهولت ڏئي ٿي.
هي ايپ ميش نيٽ ورڪ ٽيڪنالاجي استعمال ڪري ٿي، جنهن تحت ويجها موبائيل فون بليوٽوٿ ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍجي وڃن ٿا. اهڙي ريت پيغام هڪ فون کان ٻئي فون تائين منتقل ٿيندو آخرڪار گهربل شخص تائين پهچي وڃي ٿو.
پرائيويسي بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته سڀئي پيغام اينڪرپٽڊ هوندا آهن، تنهنڪري وچ ۾ پيغام منتقل ڪندڙ فون رڳو ذريعو هوندو آهي ۽ ان جو استعمال ڪندڙ پيغام پڙهي نٿو سگهي.
بليوٽوٿ جي محدود رينج سبب هي ايپ خاص طور وڏن ميڙن، احتجاجي مظاهرن يا ويجهن ماڻهن وچ ۾ رابطي لاءِ وڌيڪ ڪارائتي سمجهي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ هن وقت ان ذريعي رڳو ٽيڪسٽ پيغام موڪلي سگهجن ٿا.
رپورٽن موجب گذريل مهيني ڀارت ۾ اٽڪل 65 هزار ماڻهن هي ايپ انسٽال ڪئي، جنهن جو لاڳاپو شاگردن جي احتجاجن سان پڻ جوڙيو ويو.
23 جولاءِ تي انڊين سائبر ڪرائم ڪوآرڊينيشن سينٽر گٽ هب کي هدايت ڪئي ته بٽ چيٽ جي سورس ڪوڊ ۽ اي پي ڪي تائين رسائي بند ڪئي وڃي، جيئن ماڻهو ان کي ڊائونلوڊ نه ڪري سگهن.
ڊجيٽل حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ان قدم کي غير آئيني ۽ آمراڻو قرار ڏيندي ان تي سخت تنقيد ڪئي آهي.


