Focus with Zardari

لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل يونيورسٽي جا 3 ڊاڪٽر پي ايڇ ڊي بعد ملڪ واپس نه آيا، اهم انڪشاف

1 Min Read

ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جا 3 ڊاڪٽر پي ايڇ ڊي مڪمل ڪرڻ باوجود ملڪ واپس نه اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. يونيورسٽي انتظاميا موجب ٽنهي ڊاڪٽرن تي چئن سالن دوران هڪ لک 29 هزار 600 آمريڪي ڊالر خرچ ٿيا.

وي سي ڊاڪٽر نصرت شاهه موجب 2016ع ۾ ست ڊاڪٽرن کي پي ايڇ ڊي لاءِ پرڏيهه موڪليو ويو هو، جن مان ڊاڪٽر شاهه عالم سولنگي، ڊاڪٽر ظفر علي ابڙو ۽ ڊاڪٽر بينظير عباسي ڊگري مڪمل ڪرڻ باوجود واپس نه آيا.

پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو يونيورسٽي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ٽنهي ڊاڪٽرن بابت اميگريشن اختيارين ۽ لاڳاپيل سفارتخانن کي خط لکيا وڃن، جڏهن ته اسڪالرشپ تي خرچ ٿيل رقم جي واپسيءَ لاءِ به قدم کنيا وڃن.

اجلاس ۾ يونيورسٽي جي هڪ نرسنگ ليڪچرر جي بي ايس نرسنگ ڊگري جعلي ثابت ٿيڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment