راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج هائپرسونڪ بيلسٽڪ ميزائل ’فتح ٽو اي آر‘ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، جنهن جي رينج ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب ميزائل جديد نيويگيشن سسٽم ۽ جديد ترين اليڪٽرانڪ نظام سان ليس آهي، جيڪو اڏام دوران پنهنجو رستو ۽ رخ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل تفصيلن موجب ميزائل دشمن جي ميزائل دفاعي نظام کي ناڪام بڻائڻ ۽ انتهائي درستگيءَ سان مقرر ڪيل هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ميزائل جي رينج ۾ واڌ سان پاڪ فوج جي آپريشنل پهچ ۽ پري وارن هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
ميزائل جي ڪامياب تجربي جو مشاهدو آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جي ڪمانڊر، پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن ۽ سائنسدانن توڙي انجنيئرن ڪيو. ان موقعي تي آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جي ڪمانڊر سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي محنت ۽ فني مهارت کي ساراهيو.
صدرِ ، وزيراعظم، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪباد ڏني.


