ملير: رپورٽ: شاهد ڇڄڙو ) ملير جي ديهه الله ڦائي ۾ سروي نمبر 28 تي لڳ ڀڳ 3 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي مبينا قبضي، فارم هائوسز ۽ هائوسنگ سوسائٽيز قائم ڪرڻ واري معاملي ۾ ايف آءِ آر اندر جوابدارن جي نالن ۾ مبينا ڦيرڦار جو انڪشاف ٿيو آهي.
مختيارڪار سب ڊويزن شاهه مراد عبدالرشيد ڪاڪا جي فرياد تي گڏاپ ٿاڻي تي 5 ڄاتل ۽ 50 کان 60 اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي هٿ آيل ڪمپيوٽرائيزڊ ڪاپي موجب، ڪجهه نالن ۾ فرق ڏسڻ ۾ آيو آهي. محمد صالح خاصخيلي بدران صالو خاصخيلي، جڏهن ته پرائم انويسٽمينٽ يا ميمڻ فارم هائوس سان لاڳاپيل ٻڌايل عابد ولد محمد حسن عرف ملڪ ميان جو نالو عامر لکيل آهي. اهڙيءَ طرح ٽي ايم سي گڏاپ جي جونيئر ڪلارڪ آصف مينگل ولد محمد حسن جو نالو آصف خاصخيلي درج ٿيل هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته انور خاصخيلي ۽ ياسين خاصخيلي جا نالا ساڳيا لکيل هجڻ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
اهم سوال اهو آهي ته ايف آءِ آر ۾ نالن جو فرق ڪيئن پيدا ٿيو؟ ڇا اهي لکڻ يا ڪمپيوٽر ۾ داخلا جون غلطيون آهن يا ڪنهن جي مداخلت سبب نالا تبديل ٿيا؟ ان بابت پوليس ۽ لاڳاپيل اختيارين جو واضح موقف سامهون اچڻ ضروري آهي.
سرڪاري زمين تي مبينا قبضي جي معاملي سان گڏ ايف آءِ آر ۾ نالن جي فرق بابت به شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، جيئن اصل جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ قانوني ڪارروائي بابت حقيقتون واضح ٿي سگهن.


