ملير ۾ هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين جي مبينا غيرقانوني الاٽمينٽ، نيب جي جاچ شروع

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيب ڪراچي ملير ضلعي ۾ هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين جي مبينا غيرقانوني الاٽمينٽ واري معاملي تي باقاعده جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ان سلسلي ۾ اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر محمد علي شاهه، اي جي مجيد، خالد يوسف، عماد چاچڙ ۽ ٻين خلاف جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي.
نيب روينيو کاتي کان 117 مختلف زميني انٽريز جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪيو آهي ته اهي زمينون ڪهڙن ماڻهن جي نالن تي ۽ ڪهڙي طريقي سان الاٽ ڪيون ويون.
ديهه ٽوڙ ۾ 332 ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ سميت ديهه کوکرو ۽ ديهه ڪونڪر جا معاملا به جاچ هيٺ آهن، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل کاتن ۾ هلچل پيدا ٿي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment