ساماري ۾ جوابدار زال ۽ ڀاءُ کي ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو

1 Min Read

سامارو (ويب ڊيسڪ) سامارو جي يونين ڪاؤنسل آراڙو ڀرڳڙيءَ جي ديھ بِکوريءَ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي مبينا ڪارنهن جي الزام هيٺ هڪ ئي گهر ۾ ٻٽو قتل ڪيو ويو آهي.
مليل ڄاڻ موجب، ڳوٺ محمد رمضان شر ۾ جوابدار اميد علي شر مبينا طور غيرت جي نالي تي انڌاڌند فائرنگ ڪري پنهنجي زال پٺاڻي شر ۽ پنهنجي سڳي ڀاءُ شهباز شر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي جا وڌيڪ ڏکوئيندڙ تفصيل سامهون آيا آهن ته جوابدار پنهنجي سڳي ڀاءُ شهباز شر کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش مٺڙائو ڪئنال ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.
اطلاع ملڻ تي پوليس نفري ترت واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جتي مٺڙائو ڪئنال مان مقتول نوجوان جي لاش کي ڳولڻ لاءِ ٻيڙين ۽ ٽوٻن جي مدد سان ڳولا جو عمل جاري آهي.
ٻئي طرف، پوليس ذريعن کان اهي اطلاع پڻ مليا آهن ته ڪارروائي ڪندي جوابدار اميد علي شر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سخت ڪاوڙ ۽ سوڳ واري لهر پکڙيل آهي.

Share This Article
Leave a Comment