Focus with Zardari
اهم خبرون

ملير: 17 ورهين جي ناري پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

1 Min Read

ملير (رپورٽر) ملير جي الله بخش حمايتي ڳوٺ مان 17 ورهين جي ناري عليشا راٺوڙ پراسرار نموني گم ٿي وئي، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. ناري جا وارث بن قاسم ٿاڻي پهچي ويا، جتي اڻڄاتل جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

ناري جي والد امداد علي راٺوڙ موجب، سندس نياڻي گذريل ڏينهن گهران سامان وٺڻ لاءِ نڪتي هئي، پر هن وقت تائين واپس نه موٽي آهي. هن شڪ ظاهر ڪيو ته سندس نياڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي.

امداد علي راٺوڙ ايس ايس پي ملير ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته سندس نياڻي کي جلد بازياب ڪرائي، وارثن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment