لاڙڪاڻو (رپورٽر) مارڪيٽ ٿاڻي جي حد بندر روڊ تي ٻن هٿياربند جوابدارن چنگچي رڪشا تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 40 ورهين جي عورت بلقيس زخمي ٿي پئي. پوليس موجب زخمي عورت کي طبي امداد لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب، زخمي عورت بيان ڏنو آهي ته مٿس سندس پٽ ۽ ان جي دوست فائرنگ ڪئي. شروعاتي ڄاڻ موجب، واقعو مبينا طور ملڪيت جي تڪرار تان پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.


