ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ايل پي جي جا اگهه گهٽجي نه سگهيا، في ڪلو 600 رپين تائين وڪرو
ڪراچي(ويب نيوز) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ايل پي جي جي اگهن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، شهري مهانگي اگهه تي ايل پي جي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.
رپورٽن موجب، ڪراچي ۾ 530 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته لاهور ۾ ايل پي جي 600 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.
راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ به ايل پي جي 600 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ 530 رپيا ۽ پشاور ۾ 570 رپيا في ڪلو جي حساب سان شهري ايل پي جي خريد ڪري رهيا آهن.


