Focus with Zardari
اهم خبرون

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميري اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن

1 Min Read

اسلام آباد(ويب نيوز) پاڪستان سميت ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ 27  آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن، جنهن جو مقصد عالمي برادريءَ جو ڌيان ڪشمير مسئلي ڏانهن ڇڪائڻ ۽ ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت واري مطالبي کي اجاگر ڪرڻ آهي.

ڪشميري اڳواڻن موجب، 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت سرينگر ۾ فوج لاهي ڪشمير تي فوجي قبضي جي شروعات ڪئي هئي. ان واقعي خلاف ڪشميري هر سال 27  آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائيندا آهن.

ڪاري ڏينهن جي موقعي تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪشميري پڻ ريليون ڪڍندا ۽ احتجاجي سرگرميون ڪندا.

انهن سرگرمين جو مقصد عالمي برادريءَ کان ڪشمير مسئلي جي حل ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي حقِ خوداراديت ڏيڻ جو مطالبو ڪرڻ آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment