ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) منشيات ڪيس ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي جو سينٽرل جيل ڪراچي ۾ طبي معائنو ڪيو ويو، جيل جي ڊاڪٽرن سندس حالت تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏي آهي۔
خانگي ٽي وي چينل سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪندي آءِ جي جيلز جو چوڻ هو ته پنڪي جيل ۾ گردن جي تڪليف جي شڪايت ڪئي هئي، جنهن تي جيل جي ڊاڪٽر سندس معائنو ڪيو ۽ ٻڌايو ته سندس حالت ٺيڪ آهي ۽ علاج جيل اندر ئي ٿي سگهي ٿو۔
هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي فدا حسين مستوئي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ کيس ايس آءِ يو ٽي وٺي وڃڻ لاءِ سيڪيورٽي بابت خط لکيو ويو هو، پر ڪنهن به اسپتال منتقل ڪرڻ يا ڪنهن اسپتال ۾ معائني جي ضرورت هينئر تائين پيش ناهي آئي، ۽ جيل ۾ ئي علاج جاري آهي۔
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ضرورت محسوس ڪئي وئي ۽ ڊاڪٽر صلاح ڏني ته پنڪي کي ضرور معائني لاءِ وٺي وڃبو، پر في الحال کيس ڪنهن به اسپتال منتقل ناهي ڪيو ويو۔


