اسلام آباد/رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) مڪي مڪرم تي ڊرون حملي جي ڪوشش جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
سعودي عرب موجب فضائي دفاعي نظام يمن جي حوثين طرفان مڪي مڪرم جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو. ڊرون کي سعودي وقت موجب اڱاري ڏينهن شام 6:50 وڳي مڪي جي ڏکڻ ۾ روڪي تباهه ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مقدس هنڌ تي ڊرون حملي جي ڪوشش ناقابل معافي آهي. هن سعودي هٿياربند فوج جي بروقت ۽ بهادراڻي ڪارروائي کي ساراهيو.
او آءِ سي پڻ حملي جي ڪوشش جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙن حملن سان شهرين ۾ خوف پکڙجي ٿو ۽ مقدس هنڌن ۽ مسجدن جي حرمت متاثر ٿئي ٿي. تنظيم موجب مقدس هنڌن ۽ شهري ڍانچي خلاف اهڙيون ڪارروايون اسلامي قدرن ۽ عالمي قانونن جي ابتڙ آهن.
سعودي اتحادي فوجن جي ترجمان ميجر جنرل ترڪي المالڪي چيو ته مڪي مڪرم کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ’ريڊ لائن‘ آهي. ان کان اڳ 2017ع ۾ به مڪي طرف فائر ڪيل هڪ بيلسٽڪ ميزائل کي سعودي دفاعي نظام تباهه ڪيو هو.


