نوشهروفيروز (رپورٽر) ڪراچي ڏانهن ويندڙ گرين لائن ايڪسپريس جي پاور وين ۾ لاکا روڊ ڀرسان اوچتو باهه لڳي وئي.
ريلوي انتظاميا موجب، باهه لڳڻ جي اطلاع تي ڊرائيور ٽرين کي فوري طور لاکا روڊ اسٽيشن تي روڪي ورتو، جنهن کانپوءِ عملي فوري طور باهه تي ضابطو آڻي ورتو، جنهن ڪري ڪو به وڏو نقصان نه ٿيو.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ جاري سخت هيٽ ويو ۽ گرمي جي لهر سبب ريلوي انجڻن ۽ پاور وينن ۾ گرم ٿيڻ سبب اهڙا واقعا سامهون اچي رهيا آهن.
انتظاميا پاران پاور وين جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ٽرين کي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويندو.
واقعي سبب مسافرن ۾ ڪجهه دير لاءِ خوف پکڙجي ويو پر باهه تي وقت سر ضابطو اچڻ تي شهرين سُک جو ساهه کنيو.

نوشهروفيروز: گرين لائن ايڪسپريس جي پاور وين ۾ باهه، مسافر پريشان
Leave a Comment Leave a Comment

