اوٻاوڙو (رپورٽ: علي رضا راجپوت) اوٻاوڙو جي لانگهو روڊ تي آءِ بي اي ڪاليج ويجھو اڻڄاتل هٿياربندن موٽرسائيڪل سوارن مٿان انڌاڌونڌ فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان سولي عرف بجار علي مزاري ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي مبارڪ علي بگٽي سخت زخمي ٿي پيو.
واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس جي شروعاتي جاچ موجب، قتل ٿيل ۽ زخمي نوجوان جو واسطو روجهاڻ مزاري سان آهي ۽ هي واقعو مزاري برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ هلندڙ ذاتي دشمني جو نتيجو ٻڌايو وڃي ٿو.
فائرنگ جي هن واقعي کانپوءِ شهر ۾ سخت سهم ۽ هراس پکڙجي ويو آهي، جڏهن ته پوليس پاران وڌيڪ جاچ جاري آهي.

اوٻاوڙو: اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان قتل، ٻيو سخت زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

