وڪيلن کي جيئرو ساڙڻ وارو ڪيس، ايم ڪيو ايم ڪارڪن جي ضمانت منظور

1 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) دهشتگردي جي انت وارِي خاص عدالت سال 2008ع جي مھم جو سانحو طاهر پلازا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت ايم ڪيو ايم جي احمد سعيد عرف سعيد ڀرم جي ضمانت منظور ڪندي کيس 3 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن جي وڪيل مشتاق احمد ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته جوابدار ڊگهي عرصي کان جيل ۾ آهي ۽ جنهن گواهه (عمران سعيد) جي بيان تي کيس نامزد ڪيو ويو هو، اهو گواهه پاڻ بري ٿي چڪو آهي، تنهنڪري ان جي گواهي جي هاڻي ڪا قانوني حيثيت ناهي رهي.

 ٻئي طرف سرڪاري وڪيل پاران ضمانت جي مخالفت ڪئي وئي، پر عدالت دليل ٻڌڻ بعد ضمانت منظور ڪري ورتي. ياد رهي ته طاهر پلازا واقعي ۾ باهه لڳائي هڪ وڪيل سميت 6 ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي.

Share This Article
Leave a Comment