Focus with Zardari

يمني فوج جو حوثين خلاف آپريشن، باب المندب جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪرڻ جي دعويٰ

2 Min Read

صنعا ( ويب ڊيسڪ ) يمني هٿياربند فوجن دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومتي فورسز باب المندب ۽ تعز جي اولهه ۾ واقع ذو باب ايئرپورٽ جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. يمني فوج موجب اها ڪارروائي ”فجر اليمن“ آپريشن جو حصو آهي، جنهن جو مقصد صنعا ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ آهي.

ٻئي طرف حوثين سان لاڳاپيل ٽي وي چينل المسيره دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي فضائي حملن ۾ صنعا جي ڀرپاسي واري علائقي بني حشيش ۾ هڪ شاگردياڻي مارجي وئي، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿيا آهن.

 حوثين اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته تعز جي فضائي حدن ۾ سعودي ونگ لونگ ٽو ڊرون ڪيرايو ويو.

ان دوران حوثين سان لاڳاپيل هڪ اداري ايئر لائنز کي سعودي فضائي حدن ۾ اڏامن بابت خبردار ڪيو آهي. اداري موجب سعودي ڪارروايون جاري رهڻ تائين سعودي فضائي حدون محفوظ نه رهنديون.

- Advertisement -

هوڏانهن رياض ۾ سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان جي اعليٰ اختيارين جو هنگامي اجلاس پڻ جاري آهي، جنهن ۾ حوثين جي حملن ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي. پاڪستاني پرڏيهي وزارت موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ واري وزير ۽ هٿياربند فوجن جي سربراهه سميت اعليٰ اختيارين شرڪت ڪري رهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment