ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جا ڪيس وڌي ويا، انگ 11 ٿي ويو

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ منڪي پاڪس (ايم پاڪس) جا ڪيس وڌڻ لڳا آهن، لانڍي جي علائقي مان هڪ وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ بعد شهر ۾ هن سال رپورٽ ٿيل ڪيسن جو انگ 11 ٿي ويو آهي.
صحت کاتي موجب لانڍي محبت نگر جي رهواسي 35 ورهين جي شخص ۾ منڪي پاڪس جي تصديق ٿي آهي، جنهن کي علاج لاءِ سنڌ انفڪشس ڊزيز اسپتال نيپا جي آئسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
اسپتال انتظاميا موجب متاثر شخص گذريل ڏينهن نيپا اسپتال پهتو هو، جتي سندس پي سي آر ٽيسٽ ڪيو ويو، جنهن ۾ ايم پاڪس جي تصديق ٿي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته مريض جي ڪا به پرڏيهي سفر جي تاريخ سامهون ناهي آئي.
صحت اختيارين موجب سنڌ انفڪشس ڊزيز اسپتال نيپا ۾ هيل تائين منڪي پاڪس جا 8 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال دوران مجموعي طور 11 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.
ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ گلستان جوهر جي 40 ورهين جي شهري ۾ پڻ منڪي پاڪس جي تصديق ٿي هئي، جنهن کي به نيپا اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو.
صحت کاتي موجب ان مريض جي به ڪا سفري تاريخ نه هئي ۽ پي سي آر ٽيسٽ ذريعي بيماري جي تصديق ڪئي وئي هئي.

Share This Article
Leave a Comment