ٽانڪ ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو، 12 دهشتگرد مارجي ويا، 15 جوان شهيد

2 Min Read

ٽانڪ ( ويب ڊيسڪ )  خيبرپختونخواهه جي علائقي ٽانڪ ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ 15 جوان شهيد ٿي ويا، سڪيورٽي فورسز 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

آءِ ايس پي آر موجب، فتنه الخوارج سان لاڳاپيل دهشتگردن ٽانڪ ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي بزدلاڻو حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ وطن جا 15 بهادر جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي مذموم ارادن کي ناڪام بڻايو ۽ جوانن غيرمعمولي بهادري ۽ پيشاورانه مهارت جو مظاهرو ڪندي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندڙ 12 دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سخت دٻاءُ هيٺ آيل حملي آورن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ جي ٻاهرين ڀت سان ٽڪرائي، جنهن سبب زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ چيڪ پوسٽ جي بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو.

آءِ ايس پي آر موجب، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 بهادر سپوت شهيد ٿيا، جن ۾ 12 فوجي جوان، 2 پوليس اهلڪار ۽ ٻيلي کاتي (فاريسٽ ڊپارٽمينٽ) جو هڪ سرڪاري ملازم شامل آهي.

آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو آهي ته علائقي ۾ موجود ڪنهن به باقي دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

پڌرائي موجب، دهشتگردي خلاف ڪارروايون بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهنديون ۽ ٻاهرين سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو يقيني بڻايو ويندو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي بهادر شهيدن جون عظيم قربانيون وطن جي دفاع ۽ قومي سلامتي جي تحفظ واري عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

Share This Article
Leave a Comment