وفاقي حڪومت پاران 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وفاقي حڪومت فوري طور 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

قومي خوراڪ تحفظ واري وزارت موجب، صوبن جي گڏيل ضرورت پاسڪو  وٽ موجود ڪڻڪ جي ذخيرن کان وڌيڪ آهي، تنهن ڪري فوري طور 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي ويندي.

وزارت جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاسڪو وٽ موجود ڪڻڪ جا ذخيرا صوبن جي ضرورتن موجب فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ مارڪيٽ ۾ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ به صوبن کي ڪڻڪ ڏني ويندي.

پڌرائي موجب، وفاقي حڪومت عوام کي سستي ۽ معياري ڪڻڪ جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي، ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۽ فراهمي جي صورتحال بابت صوبن سان تفصيلي مشاورت پڻ ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment