لنڊن ( ويب ڊيسڪ )لنڊن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيل اهم اجلاس ۾ پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف بابت وڏا فيصلا ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب هيڊ ڪوچ سرفراز احمد کي ٽيسٽ ٽيم جي ذميوارين کان فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بالنگ ڪوچ عمر گل کي به عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سرفراز احمد ۽ عمر گل ٽئين ٽيسٽ ۾ ٽيم سان گڏ موجود رهندا، جڏهن ته ان کان پوءِ کين پنهنجين ذميوارين کان فارغ ڪيو ويندو.
ٻئي طرف برمنگهم ٽيسٽ ۾ مائيڪ هيسن ڪوچز جي سربراهه طور ذميواريون سنڀاليندو. ذريعن موجب سري لنڪا ۽ نيوزيلينڊ خلاف پاڪستان جي هوم سيريز دوران به مائيڪ هيسن ٽيسٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ هوندو.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته سلمان علي آغا کي ٽئين ٽيسٽ کان اڳ وطن واپس موڪلڻ جو امڪان آهي. سلمان آغا، محمد رضوان ۽ امام الحق سان گڏ وطن واپس ايندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مسلسل ناقص ڪارڪردگي کانپوءِ پي سي بي جا اهي فيصلا ڪرڪيٽ حلقن ۾ اهم تبديلي طور ڏٺا پيا وڃن.


