پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ اهم معاهدي تي صحيحون

2 Min Read

ڍاڪا ( ويب نيوز ) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ منشيات جي اسمگلنگ ۽ نشي آور شين جي روڪٿام لاءِ سهڪار بابت معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، اندروني سلامتي ۽ سول هٿياربند فوجن جي تربيت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي.

 وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي گهرو وزير صلاح الدين احمد سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران محسن نقوي بنگلاديشي هم منصب کي سيف سٽي منصوبي ۾ مڪمل سهڪار جي آڇ ڪئي.

ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سيڪريٽري سطح جي گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو، جڏهن ته محسن نقوي پنهنجي بنگلاديشي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.

 ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اندروني سلامتي، سول هٿياربند فوجن جي تربيت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.

 وفاقي گهرو وزير بنگلاديش جي پرڏيهي مامرن بابت مملڪتي وزير شمع عبيد اسلام سان پڻ ملاقات ڪئي.

 بنگلاديشي ميڊيا موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، راندين، ثقافت، عورتن جي ڪاروباري سرگرمين، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ۽ ڊجيٽل جدت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود هجڻ تي زور ڏنو ويو.

عوامي سطح تي رابطا ۽ ادارتي سهڪار وڌائڻ کي به ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو بڻائڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو۔

Share This Article
Leave a Comment