گلگت ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداری چيو آهي ته جيڪڏهن گلگت بلتستان جي عوام پيپلز پارٽي کي اڪثريت سان مينڊيٽ ڏنو ته جيالا وڏي وزير جي چونڊ کان پوءِ عوام کي زمينن جو مالڪ بڻايو ويندو.
گلگت شهر جي شاهي پولو گرائونڊ ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته گذريل چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جون سيٽون کسيو ويون، جڏهن ته فارم 45 موجب پارٽي کي واضح اڪثريت حاصل هئي.
هن چيو ته هن ڀيري عوام کي فارم 45 جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو، ڇو ته پيپلز پارٽي ڪنهن کي به عوام جو مينڊيٽ چورائڻ نه ڏيندي ۽ گڏجي ان جو دفاع ڪيو ويندو.
بلاول ڀٽو چيو ته گلگت بلتستان ۾ حق مالڪيت وارو قانون اڳ ئي پاس ٿي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن 7 جنوري تي عوام پيپلز پارٽي کي واضح اڪثريت ڏئي ٿو ته حڪومت ٺهڻ کان پوءِ ان قانون تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي ته حق مالڪيت واري قانون تي عملدرآمد به ممڪن نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته اهو قانون پڻ پيپلز پارٽي قانون ساز اسيمبلي مان منظور ڪرايو هو.
پيپلز پارٽي چيئرمين تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ وارا ترقياتي ڪم ڪرڻ بدران صرف پنهنجي قيادت جي آزادي بابت ڳالهيون ڪن ٿا.
هن سياسي مخالفن کي مخاطب ڪندي چيو ته سندن حڪومت گلگت بلتستان ۾ ٺهڻ واري آهي، تنهن ڪري ٻين سياسي ڌرين کي به گهرجي ته هو پيپلز پارٽي جي قافلي ۾ شامل ٿي علائقي جي حقن ۽ تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪن.
بلاول ڀٽو مسلم ليگ (ن) جو نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد ڪندي چيو ته ارڙهين آئيني ترميم جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پنجاب کي ٿيو، پر اڄ اهي ئي ڌريون ان ترميم جي دفاع لاءِ تيار ناهن، پوءِ گلگت بلتستان جي عوام لاءِ ڇا ڪنديون.
هن چيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ دفاع لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جون خدمتون تاريخ جو اهم حصو آهن. سندس چوڻ هو ته هڪ پاڪستان کي ايٽمي پروگرام ڏنو ۽ ٻي ميزائل ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏني.


