رائيپور جي پير تي زوري شادي ۽ مريدن سان گڏجي زيادتي جو الزام، ناري ماءُ حوالي

1 Min Read

سکر/راڻيپور (ويب ڊيسڪ) روهڙي جي رهواسي ناري خوشي شيخ پنهنجي مڙس مٿان ڳنڀير الزام لڳائيندي چيو آهي ته 2 مهينا اڳ راڻيپور جي پير دلشاد شاهه کيس زبردستي شادي ڪري حويلي ۾ قيد ڪري رکيو هو، جتان هوءَ فرار ٿي سکر پهتي آهي.
ناري جو چوڻ آهي ته پير پنهنجن ڀائرن، مائٽن ۽ مريدن سان گڏجي زيادتي ڪندو هو ۽ حويلي جو سڄو ڪم ڪار به کائنس ڪرايو ويندو هو.
پوليس پاران ناري کي سکر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
پهريان ناري کي دارالامان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر بعد ۾ امڙ جي چوڻ تي کيس ماءُ حوالي ڪيو ويو.
علائقي ۾ چئٻول آهن ته ناري تعويذ لاء ويندي هئي ۽ پير دلشاد شاهه راڻيپور واري درگاهه تي تعويذ ڪندو آهي.
ناري جي بيان بعد پير درگاهه تان غائب ٿي ويو آهي ۽ سندس موبائيل نمبر پڻ بند آهي.

Share This Article
Leave a Comment