اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جون نيون قيمتون 24 جولاءِ کان لاڳو ٿينديون.
پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 40 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 331 رپيا 52 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 62 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 378 رپيا 66 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
پيٽروليم ڊويزن موجب، قيمتن ۾ تبديلي وفاقي حڪومت جي نظرثاني ٿيل پيٽروليم پرائسنگ ميڪينزم تحت اوگرا جي سفارشن تي ڪئي وئي آهي، ۽ نيون قيمتون 24 جولاءِ 2026ع کان لاڳو هونديون.


